لقمان حڪيم کوکر

لقمان حڪيم کوکر

لقمان کوکر

لقمان کوکر: سگهڙ محمد لقمان 22 آڪٽوبر 1949ع تي ڳوٺ مصطفى آباد، وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محرم علي کوکر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل بھاول پور رياست جا هئا، جيڪي روزگار خاطر پھرين ڀاڳ ناڙي (بلوچستان)، پوءِ ڳوٺ گنداخ (جيڪب آباد)، تنھن بعد ڳوٺ لقمان سيال (قمبر) ۽ آخر ۾ ڳوٺ مصطفيٰ آباد ۾ رهيا. هن جو گهراڻو مذهبي هو. سندس ڏاڏي خدا بخش کوکر مدرسو نور مصطفى قائم ڪيو، جتي محمد لقمان تعليم پرائي. سندس نانو فقير عطا محمد کوکر به سگهڙ ٿي گذريو آهي. پندرهن سورهن سالن جي عمر کان لقمان کوکر سگهڙائپ جي فن جي شروعات ڪئي. 1965ع ڌاري استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان وڌيڪ سِکيا حاصل ڪئي. 1969ع کان هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ جڳ مشھور پروگرام ”فتح خان ڪچھري“ جو حصو بڻيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ ٻين چينلن تي به هو ڪيترائي ڀيرا فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس پھريون ڪتاب ”لاتيون سـُڻ لقمان جون“ نامياري محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ مرتب ڪيو، جيڪو سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران 1995ع ۾ ڇپيو. سندس ٻين ڪتابن ۾: ”لعل ڪڻا لقمان جا“، ”لوچون ڏس لقمان جون“، ”منھن مٿانھان جن جا“ (محمد ملوڪ عباسي سان گڏ)، ”گلشن ڏور“ (محمد ملوڪ عباسي سان گڏ)، ”لوڪ رنگ لقمان جا“ (ترتيب: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو) ۽ ”لعل هيرا لقمان جا“ (2024ع) شامل آهن. پاڻ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ سان گڏ سنڌ سگهڙ سنگت ۾ به سرگرم رهيو آهي. هيءُ سنگت جي باني عھديدارن منجهان آهي. هن سنڌيءَ سان گڏ سرائڪيءَ ۾ به لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، جن ۾ جديد صنفون ۽ غزل وغيره به شامل آهن. اهڙيءَ طرح هن پھريون ڀيرو ٻاونجاهه اکري ۽ ڪجهه مناظرا به لکيا آهن. کيس شاهه لطيف اوارڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ادبي اوارڊ سميت ڪافي اوارڊ ملي چُڪا آهن.


لفظ لقمان کوکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو